سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون 2

سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون 2

سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون 2

سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون (جلد ٻيو: ڪتاب): هي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ بابت مضمونن ۽ مقالن تي مشتمل آهي، جنهن جو مرتب خان محمد جروار آهي. ڪتاب جو ’ناشر نوٽ‘ عبدالقادر جوڻيجي، چيئرمئن سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جو لکيل آهي. ڪتاب ۾: (1) سنڌي ٻوليءَ ۽ ان جي بقا، (2) سنڌ ۽ سنڌي زبان، (3) ٻوليءَ جو سٽاءَ ۽ ڦهلاءُ، (4) سامي زبانون، (5) سنڌي حرفن جي صورتخطي، (6) ٻوليءَ جي ابتدا ۽ اوسر، (7) سنڌي ۽ براهوئي زبانن جو تقابلي جائزو، (8) زبان ۽ ثقافت، (9) ٻوليءَ جون خاصيتون، (10) سنڌي زبان ۾ سرائڪي پهاڪا، (11) سمن جي دور جي سرڪاري ٻولي، (12) ٻوليءَ ۾ لفظي ترتيب جا مسئلا، (13) انگريزن جي دور ۾ عربي سنڌي لکاوٽ مقالا شامل آهن، جيڪي علامه آءِ. آءِ. قاضي، مولانا دين محمد وفائي، شيخ محمد اسماعيل، محمد ابراهيم جويي، پروفيسر واءِ. ايس. طاهر علي، الهداد ٻوهيي، غلام مصطفيٰ قاسمي، ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، الله عزيز بروهي'>عزيز الله عزيز بروهي، ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، سليم ميمڻ، محبت ٻرڙي، ڊاڪٽر هدايت پريم، محمد عمر چنڊ ۽ غلام محمد لاکي جا لکيل آهن.
ڊيمي سائيز جي ڪچي جلد سان، 552 صفحن تي مشتمل، هن ڪتاب جي قيمت 250 روپيا آهي. هي ڪتاب سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد 2007ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو